اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل ع??ب امارات سان گڏيل مفاد ??ي سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ??رعزم آهي، گڏيل ع??ب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل ع??ب امارات جي سفير حماد ??بيد ابراهيم سالم الزابي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم يو اي اي سان پاڪستان جي ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت جو ذڪر ڪندي گڏيل ع??ب امارات جي ڀائر عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سڄي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي قدمن تي روشني وڌي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم گڏيل ع??ب امارات پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ??راهم ڪئي ويندڙ امداد ۽ ان حوالي سان فضائي لنگهه قائم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل ع??ب امارات سان گڏيل مفاد ??ي سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ??رعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل ع??ب امارات جا گذريل 5 ڏهاڪن کان ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل قدرن ۽ ثقافت سان ڳن??يل آهن. گڏيل ع??ب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي.