اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته صحتمند طرز زندگي، باقاعدگي سان ورزش، مشاهدي جي ذريعي متعدي ۽ غيرمتعدي بيمارين جي خلاف صحت لاءِ محفوظ ۽ سارسنڀال جي نظام کي اختيار ڪري اسان جي صحت جي ڪم??ور نظام تي بيمارين جي بار کي نمايان طور تي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، صفائي سٿرائي ۽ پنهنجي خوراڪ ۾ بهتري سان علاج جي نظام سان گڏوگڏ مريضن تي به بار گهٽ ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فائونڊيشن يونيورسٽي ڪاليج آف ڊينٽسٽري جي ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ فيڪلٽي ميمبرن، فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر بيمارين جي جلد سُڃاڻپ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ، صحتمند طرز زندگي اختيار ڪرڻ ۽ مريضن سان انتهائي احتياط، مهرباني ۽ شفقت سان علاج ڪندي بيماري کان بچڻ جي لاءِ احتياطي تدبير?? کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي ??ور ڏيندي چيو ته ان سان مريض?? کي يقين ڏيارڻ ۽ انهن جي صحت جي مسئل?? کي حل ڪرڻ ۾ تمام وڏو فرق پيو. هن چيو ته رڳو عوام کي وات جي صفائي ۽ وات جي صحت جي سارسنڀال جي اهميت ببات آگاهه ڪري وات جي بيمارين ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته سڄي زندگي صحتمند ڏندن جي سارسنڀال ٻين بيمارين کان به بچائيندي ۽ ماڻه?? کي خوش ۽ صحتمند زندگي گذارڻ جي قابل بڻائيندي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اٽڪل 50 سيڪڙو عورتون شادي کانپوءِ يا ??ن کان اڳ ئي ميڊيڪل جو پيشو ڇڏي ڏين ٿيون جيڪو ملڪ ۽ معاشري جي لاءِ تمام وڏو نقصان آهي. هن ان رجح??ن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ ي ??ور ڏنو ۽ والدين تي ??ور ڏنو ته اهي پنهنجي ڌيئر?? کي پنهنجي پيشي کي جاري رکڻ جي لاءِ مدد ڪن. هن ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته حڪومت کي هڪ محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ۽ ان جي لاءِ پنهنجا سرڪاري فرض آن لائين يا مناسب وقت ۽ نظام الاوقات تي انجام ڏيڻ جا موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن ته جيئن اهي ڪم ڪري سگهن ۽ پنهنجي خاندانن جي آرام سان پرورش ڪري سگهن. هن چيو ته عوام کي جعلي خبرن کان بچڻ، ماڻهن جي پرائيويسي جو احترام ڪرڻ ۽ پيغامن ۽ بيان?? کي انهنجي حقيقي ڏس ۾ پيش ڪرڻ بابت آگاهي ڏئي معاشري ۾ ڇڪتاڻ جي سطح کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حوالي ۽ حقيقتن کان هٽي ڪري بيان ڪيل جملا معاشري ۾ انتشار ۽ ڇڪتاڻ کي وڌائين ٿا ان لاءِ انه?? کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ گهرجي. صدر ??وجوان گريجوئيٽس کي انهن جي پيشيواراڻي زندگي شروع ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ انه?? کي مشورو ڏنو ته اهي ع??م حاصل کي جاري رکن ۽ پنهنجي ذاتي ۽ پيشيواراڻي زندگي ۾ عاجزي جو مظاهرو ڪن. هن سمورن طبي پيشيور ماڻهن تي به ??ور ڏنو ته اهي پنهنجي مريضن سان همدردي سان پيش اچن ڇو ته اهي هڪ عظيم پيشي جو حصو آهن جنهن جو بنيادي فرض ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن جي ڏک?? کي گهٽ ڪرڻ آهي. ??ن کان اڳ صدر ??اليواري گريجوئيٽس ۾ ميڊلز ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا. فائونڊيشن يونيورسٽي اسڪول آف هيلٿ سائنسز جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) ڊاڪٽر عمران فضل يونيورسٽي جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي.