اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته موسمياتي تبديليون سڄي دنيا لاءِ وڏو چئلينج آهن، پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن، عالمي ب??نڪ ٻوڏ جي نقصانن جو شروعاتي ڪاٿو 40 ارب ڊالر لڳايو آهي، ٻوڏ متاثرن جي وڏي آبادي جي بحالي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ اڪيلي سر ڪنهن ملڪ جو ڪم ناهي، ٻوڏ سبب شديد متاثر انفرا اسٽرڪچر جي بحالي لاءِ وڏي پئماني تي وسيلا گهربل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ جي صورتحال تمام خراب آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي ۽ اهي علائقا جيڪي سمنڊ جي سطح کان ??يٺ آهن، اتان ??اڻي ڪڍڻ هڪ ڏکيو ??رحلو آهي، سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلي جو اهڙو عمل پهريان ??اهي ڏٺو ويو، موسمياتي تبديلي ڪري برساتن ۽ ٻوڏ پراڻا سڀئي رڪارڊ ٽوڙيا آهن، پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين سان ??يل نقصان جو ورلڊ ب??نڪ 40 بلين ڊالرن جو ڪاٿو لڳايو آهي، 33 ملين ٻوڏ متاثر تمام وڏو انگ آهي، جيڪو آسٽريليا جهڙي وڏي ملڪ کان ساڍا 7 ملين وڌيڪ آهي. 2010ع جي ٻوڏ ۾ 20 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، جن جي بحالي لاءِ 40 بلين جو ڪاٿو لڳايو ??يو ??و جڏهن ته هن ڪاٿي ۾ احتياطي ڪرڻو پوندو. 20.6 ملين متاثر اڃا به امداد جا منتظر آهن، هي پرتگال ۽ سوئيٽزرلينڊ جي مجموعي آبادي کان ??ڌيڪ آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي شدت ايتري قدر هئي ته 13000 ڪلوميٽر روڊ تباهه ٿيا، جن جي بحالي لاءِ و??يلن جي ضرورت آهي، 436 پل تباهه ٿيا جن جي مرمت ۽ نئين سر تعمير جو ڪم ٿيندو، 1400 صحت مرڪزن کي نقصان ??هتو يا اهي مڪمل تباهه ٿيا آهن، خاص طور تي سنڌ ۾ اڃا به صحت جا مرڪز، ڊسپينسريون وغيره اڃا به پاڻي هيٺ آهن، صحت جي عالمي اداري جي انگن اکرن مطابق 8.2 ملين ماڻهن کي ارجنٽ هيلٿ ڪيئر جي ضرورت آهي. سنڌ جي 11 ضلعن ۾ هن وقت تائين پاڻي بيٺل آهي، 6 لک عارضي شيلٽر بڻايا وي?? آهن ۽ اڃا 7.9 ملين کي امداد جي ضرورت آهي. ان حوالي سان جنيوا ۾ پڻ فليش اپيل ڪئي آهي. 9.4 ملين ايڪڙ تي بيٺل ڪيترائي فصل تباهه ٿي وي??. فوڊ اينڊ ايگريڪلچر نقصان سان 14 ملين ماڻهو سڌي ريت متاثر ٿيا. ٻوڏ سان ??جموعي طور تي متاثرن ۾ 70 سيڪڙو ٻار ۽ عورتون شامل آهن. متاثرن ۾ 65 ارب رپين جي امداد ورهائي وئي آهي. ٻوڏ سبب چانور، ڪپهه، ڪمند، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جو نقصان ??يو. جيڪو ڪيش ڪراپس ۾ شمار ٿيندو آهي. سنڌ ۾ مجموعي طور تي 79 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، بلوچستان ۾ 53 سيڪڙو، پنجاب ۾ 15 سيڪڙو، ڪي پي ڪي ۾ 14 سيڪڙو جڏهن ته آزاد ڪشمير جي 25 سيڪڙو فصلن کي نقصان ??هتو آهي.