اسلام آباد – 03 – ??ومبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو افسوسناڪ، ڳڻتي جوڳو، ??ڪروهه فريب سان ڀريل ۽ بزدلاڻو آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي قاتلاڻي حملي ۾ بچي وڃڻ تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريان ٿو، ان جي ٽنگ ۾ ڪجهه گوليون لڳڻ سان هو زخمي ٿيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سندس حالت نازڪ نه آهي. هن چيو ته اهو حملو افسوسناڪ، ڳڻتي جوڳو، ??ڪروهه فريب سان ڀريل ۽ بزدلاڻو آهي، الله ان کي ۽ سمورن زخمين کي صحت ??طا فرمائي.