اسلام آباد– 10 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ايراني صدر جي افغان??تا?? بابت خصوصي نمائندي حسن ڪاظمي غومي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ مملڪتي وزير پرامن ۽ مستحڪم افغان??تا?? جي لاءِ پاڪ??تا?? جي پڪي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته گهرا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ يڪجهتي جي مضبوط رشن جو بنياد ??هن. هن افغان??تا?? کي درپيش ڪيترن ئي ??کي?? چئلينجن جو ذڪر ڪندي افغان عوام جي مسلسل ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان عالمي برادري جي مستقل شموليت جي اهميت کي ورجايو. مملڪتي وزير افغان??تا?? جو دوست ۽ پاڙيسري هجڻ ناطي ان مقصد جي لاءِ پاڪ??تا?? ۽ ايران جي اهم ڪردار جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. ان کان اڳ ايراني خصوصي نمائندي پنهنجي پاڪ??تا??ي هم منصب وزيراعظم جي خصوصي معاون محمد صادق سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ ترقي جي گڏيل مضبوط هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.