جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ ??وڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي، ??وڏ سان نه رڳو انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو پر ملڪي معيشت به بري طرح متاثر ٿي، لکين گهر ??وڏ ۾ وهي ويا، تعليمي ادارا تباهه ٿي ويا ۽ زراعت ختم ٿي وئي، مشڪل وقت ۾ مدد ڪندڙ ملڪن کي پاڪستان نه وساريندو، ??وڏ متاثرين جي نئين سر تعمير ۽ ??حا??ي جي لاءِ وڏي پئماني تي امداد جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??وڏ متاثر ع??ائقن جي نئين سر تعمير ۽ ??حا??ي جي حوالي سان ”ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان“ عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن ڪانفرنس جي ميزباني ۽ ان کي خطاب ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، مون کي خوشي آهي ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس مون سان گڏ هن ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪري رهيو آهي جهڙي طرح ??وڏ کانپوءِ هن پاڪستان جي عوام جي احساسن جي ترجماني ڪئي ۽ مشڪلاتن کي اجاگر ڪيو، ان تي پاڪستان جي عوام پاران سندس ٿورا مڃان ٿو. ??وڏ کانپوءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سنڌ ۽ بلوچستان سميت ??وڏ سان شديد متاثر ع??ائقن جو دورو ڪيو ۽ وسيع پئماني تي ٿيندڙ تباهي جو پاڻ جائزو ورتو، پاڪستان جي ??وڏ متاثر ع??ام مشڪل وقت ۾ ان جي ڪردار ۽ خدمتن کي سدائين ياد رکندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ??وڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي، 33 ملين ماڻهو شديد متاثر ٿيا جڏهن ته ٻارن سميت 1700 ماڻهو ??وڏ ۾ فوت ٿيا، ??وڏ ريلن ۾ ڪيترائي لک ۽ هزارين ڪلوميٽر رستا وهي ويا، 10 لک ٻارڙين سميت 26 لک ٻارن جو تعليمي سلسلو ڪٽجي ويو، مشڪل ترين وقت ۾ گڏيل قومن، ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، وچ اوڀر ۽ يورپي ملڪن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن اسان جي مدد ڪئي، آئون انهن سڀني جا ٿورا مڃان ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان اڃا تائين ??وڏ سان ٿيندڙ تباهي کان ٻاهر ناهي نڪتو ۽ متاثر ع??ائقن ۾ ريليف جو ڪم جاري آهي، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ??وڏ جو پاڻي اڃا به بيٺل آهي، ان کي ڪڍڻو آهي، انفراسٽرڪچر جي ??حا??ي ۽ نئين سر تعمير جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڻي بيهڻ سان زراعت به شديد متاثر ٿي آهي ۽ فصل پوکي نه ٿا سگهجن، اسان کي متاثر خاندانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي ۽ پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل بڻائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ??وڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي جيڪو پاڪستان جي جي ڊي پي جو 8 سيڪڙو آهي، 90 لک ماڻهو غربت جي ڌٻڻ ۾ دٻجي ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت متاثرين جي فوري مدد ۽ ??حا??ي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي، 20 هزار ٽروپس، سوين هيلي ڪاپٽرز ۽ ٻيڙين ريسڪيو آپريشن ۾ حصو ورتو ۽ متاثر ع??ائقن ۾ ڦا??ل عوام کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو، 2.7 ملين خاندانن کي 400 ملين ڊالر جي ڪيش گرانٽ ڏني پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته هو ڪانفرنس جي سمورن شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃي ٿو. انهن پاڪستاني عوام جو ڏک محسوس ڪيو. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺل آهيون، پاڪستان کي ??وڏ سان ٿيندڙ تباهي جي ڪري تمام مشڪل چئلينجز درپيش آهن، ??وڏ متاثرين جون زندگيون بدلجي ويون آهن، حڪومت انهن جي ريڪوري، ??حا??ي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ ٺوس منصوبو جوڙيو آهي، اسان کي ان سلسلي ۾ عالمي برا??ري جي مدد گهربل آهي، ??وڏ سان ٿيندڙ تباهي جي ڪري پاڪستان جي معاشي ترقي جي رفتار پڻ بري طرح متاثر ٿي آهي، پاڪستان اڪيلو ان تباهي سان ٿيندڙ اثرن کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هن مشڪل صورتحال ۾ عالمي برا??ري پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪندي.