اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارتي ??ير??انوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران ماڻهن جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ڪڌي ڏوهن کي هر فورم تي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ٿي سگهي، هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد جي حمايت جاري رکندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن محمود احمد ساگر جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي صدر ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان جي عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ پاڪستان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي هر ممڪن اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ڀارت مختلف قدمن ذريعي وا????ري?? خطي ۾ آبادياتي تبديلين جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ وا????ري?? ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرڪشميرين کي آباد ڪرڻ جي لاءِ 4.5 ملين کان وڌيڪ ڊوميسائيل جاري ڪري چڪو آهي جڏهن ته ڪشميرين جي زمين کي غيرڪشميرين کي وڪرو ڪري رهيو آهي. هن انهن ڪاررواين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرار??اد?? ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو. صدر چيو ته ڀارت مسلمانن جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي، جينوسائيڊ واچ موجب وا????ري?? ڄمون ۽ ڪشمير نسل ڪشي جي ڪناري تي آهي. هن گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس جي انهن رپورٽس جو پڻ حوال?? ڏنو جن ۾ وا????ري?? خطي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي جاچ جي لاءِ ڪميشن آف انڪوائري قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرار??اد?? کي لاڳو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ڀارت کي ??ير??انوني ڀارتي وا????ري?? ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڏوهن جي لاءِ جوابده بڻائي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرار??اد?? تي اڃا تائين عملدرآمد ناهي ڪيو ويو جڏهن ته اهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا جي سڀ کان پراڻيون قرار??اد??ن آهن. ان موقعي تي وا????ري?? ڄمون ۽ ڪشمير جي حريت قيادت صدر کي واديءَ جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو. هنن ٻڌايو ته ڀارتي قابض فوج جي هٿان هيستائين 6 لک ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن ۽ هز??ري?? گهر ساڙي تباهه ڪيا ويا آهن، وا????ري?? ڄمون ۽ ڪشمير کي 9 لک ڀارتي قابض فوج جي هٿان يرغمال بڻائي رکيو آهي جن ڪشميري عوام جي بنيادي حقن ۽ آزادين تي بي مثال فوجي گهيراءُ ۽ پابنديون هڻي رکيون آهن. ڪشميري قيادت کي جيلن ۾ وڌو ويو آهي، عدالت کان مٿانهين قتل، ڏاڍ سان گرفت??ري?? ۽ ڪشميري نوجوانن تي تشدد هڪ معمول بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين جي سڃاڻپ ۽ ثقافت کي نقصان پهچائي رهيو آهي پر هو ڪشميري عوام کي دٻائڻ جي پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو.