اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي سنڌ هاءِ ڪ??رٽ ۾ 6 ايڊيشنل ججن جي مق??ري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر امجد علي ٻوهيو، محمد عبدالرحمان ۽ خادم حسين سومرو جي هڪ سال لاءِ بطور ايڊيشنل جج سنڌ هاءِ ڪورٽ مق??ري جي منظوري ڏني آهي. صدر ارباب علي هڪڙ??، جواد اڪبر ۽ ثنا اڪرم منهاس کي پڻ هڪ سال جي لاءِ ايڊيشنل جج سنڌ هاءِ ڪورٽ مق??ر ڪيو آهي. صدر سنڌ هاءِ ڪ??رٽ ۾ ججن جي مق??ري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني آهي.