اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي ص??ر جوبائيڊن طرفان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ حڪومتي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ آمريڪي صدر سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ حڪومتي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمريڪي ص??ر جوبائيڊن ملاقات ڪئي، ٻنهي ??ڳواڻن هڪٻئي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آجياڻي ۾ ٻين ملڪن جي حڪومتي سربراهن به شرڪت ڪئي.