اسلام آب??د – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا عام ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري، تيز رفتار انصاف جي فراهمي لاءِ 8 آرڊيننس، گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ 5 ارب جي بنا وياج جي قرضن جي اسڪيم، ڪرتارپور لنگهه جي حوالي سان ڀارت سان معاهدي، قومي ??حت??اب بيورو کي رڪارڊ فراهمي، ٽرسٽ فار وولينٽري آرگنائيزيشن جي ميمبرن جي مقرري، ڪنٽونمينٽس ۾ بي او ٽي بنيادن تي سولر جي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وز??ر بئريسٽر فروغ نسيم سان گڏ وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي وز??راعظم مختلف وزارتن پاران عوامي ڀلائي جي حوالي سان ملندڙ تجويزن کي ڪابينا آڏو رکيو.