اسلا?? آباد – 18 مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري بيروزگار ٿيندڙ ماڻهن جي لاءِ احساس ايمرجنسي ڪيش ورهائڻ جي عمل جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيرا??ظم ان سلسلي ۾ پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ قائم احساس ڪيش ورهائڻ واري جڳهه جو دورو ڪيو. ان موقعي تي متاثرين ۾ 12 هزار رپيا في خاندان ايمرجنسي ڪيش امداد ورهائڻ جي لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي. وزيرا??ظم عمران خان ڪورونا وائرس جي ڪري بيروزگار ٿيندڙ مختلف متاثرين کان انهن جا مسئل?? معلوم ڪيا ۽ انهن جي حل جي مڪمل خاطري ڪرائي.