اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري اڪيلا نه آهن، هر پاڪستاني انهن سان گڏ بيٺل آهي، وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جو سفير هجڻ جي حيثيت سان ڪيس وڙهي رهيو آهي، آئون اڄ ڪشميرين سان واعدو ڪريان ٿو ته جيستائين انهن جي قيادت جيلن ۾ آهي آئون انهن جي وڪالت ڪندس. استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي وڊيو پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اڄ آئون هڪ ڀيرو ٻيهر آزاد ڪشمير ۽ و??لا??يل ڪشمير سان تعلق رکندڙ سمورن ڪشميري?? کي ب??ور ڪرائڻ چاهيان ٿو ته توهان اڪيلا نه آهيو، هر پاڪستاني توهان سان گڏ بيٺل آهي اسا?? کي توهان جي تڪليفن جو احساس آهي، و??لا??يل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جون خلاف ورزيون ۽ معصوم ڪشميرين تي ڪيل ظلمن کان د??يا بي خبر نه آهي، اڄ د??يا آڏو هندستان جو اصلي چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جي سفير هجڻ جي حيثيت سان ڪيس وڙهي رهيو آهي، آئون اڄ ڪشميرين سان واعدو ڪريان ٿو ته جيستائين انهن جي قيادت جيلن ۾ آهي آئون انهن جي وڪالت ڪندس.