اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته نيويارڪ ۾ پي آءِ اي جي ملڪيتي روز ويلٽ هوٽل بابت سمورا فيصلا قومي مفاد ۾ شفاف انداز ۾ ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي، اجلاس هتي ڪابينا ڊويزن ۾ منعقد ٿيو، عبدالحفيظ شيخ جي هدايتن جي روشني ۾ اجلاس کي روز ويلٽ هوٽل بابت معاملن جي باري ۾ اپ ڊيٽ بريفنگ ڏني وئي، ??زيراعظم جي صلاحڪار اهو معاملو منصفاڻي، انتهائي شفاف ۽ به??رين قومي مفاد ۾ حل ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي، ??ن روز ويلٽ هوٽل بابت سمورن فيصلن ۽ ڳالهين ۾ هوابازي واري سيڪريٽري سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين کي شامل ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي.