مظفر آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) 6 نومبر ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي شهداءِ وطن ميڊيا سيل جي اهتمام هيٺ خصوصي تق??يب منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ رياست جي ناليواريون شخصيتون ڄمون جي ناقابل فراموش قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪنديون. شهداءِ وطن ميڊيا سيل اي ڪي زون جي سربراهه آغا سفير حسين ڪاظمي چيو آه?? ته 1947ع ۾ ڊوگره حڪمران هري سنگهه جي فوج ۽ هٿياربند دستن جي بي لغام هجوم ?? پيرا ملٽري فوجي دستن ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي ۾ چار لک جي لڳ ڀڳ ڪشميري مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو، واديءَ ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمان هر سال 6 نومبر تي ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي طور ملهائيندا آه??، گذريل سالن وانگر هن سال به شهداءِ ڄمون جي قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ 6 نومبر تي ٽپهر 3 وڳي شهداءِ وطن ميڊيا سيل شاهه سلطان آفيس ۾ ه?? پروقار تق??يب منعقد ڪئي ويندي، تق??يب ۾ ناليوارا اڳواڻ ۽ دانشور شهداءِ ڄمون کي خراج عقيدت پيش ڪندا. تق??يب ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي جي ڀرپور شرڪت جي اميد آه??.