اسلام آباد – 29 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ماحول دوست ۽ ذميواراڻي کاڻين جي کوٽائي جا طريقا اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي آهي ته پنڪ س??لٽ کي عالمي س??ح تي موثر انداز ۾ پاڪستاني لوڻ طور مارڪيٽ ڪرڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار کيوڙه ۾ لوڻ جي کاڻ جي دوري دوران ڪيو. صدر کي پاڪستان منرلز ڊيولپمينٽ ڪاروريسن جي مختلف جاري منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستاني کاڄرو لوڻ کي قابل قدر مصنوعات ۾ بد??ائي قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، کاڻين جي کوٽائي جي عمل دوران لوڻ جو زيان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ پاڪستان ۾ ماحول دوست ۽ ذميواراڻي کاڻين جي کوٽائي جا طريقا اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جو راڪ س??لٽ موجود آهي، پاڪستاني لوڻ معياري، گهٽ قيمت ۽ منرلز سان ڀرپور آهي. صدر س??لٽ مائن جي اندر مختلف سياحتي جاين جو جائزو ورتو. کيس کيوڙه ۾ موجود لوڻ جي معيار ۽ مختلف نمڪياتي جزن بابت پڻ ٻڌايو ويو. صدر کيوڙه لوڻ جي کاڻ ۾ س??لٽ لائبريري جو افتتاح ڪيو. هن س??لٽ لائبريري ۽ دم جي سينٽر جو پڻ دورو ڪيو. صدر کيوڙه س??لٽ مائن ۾ دم سينٽر ۾ علاج هيٺ مريضن سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. پاڪستان منرلز ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جي ايم ڊي صدر کي کيوڙه س??لٽ مائن مان لوڻ جي کوٽائي جي مختلف مرحلن بابت ٻڌايو. صدر کي لوڻ جي کوٽائي جي لاءِ جاري س??گرمين بابت پڻ ٻڌايو ويو. هن کيوڙه کاڻ جي تاريخي پس منظر ۾ خصوصي دلچسپي ورتي. صدر مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر پڻ لکيا.