اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي ??زي?? سينيٽر شبلي فراز پاڪ فضائي?? جي شهيد نوجوان هواباز راشد منهاس کي سندس يوم شهادت جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قوم سندس وطن جي لا??ِ قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي. سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته نوجوان پائليٽ آفيسر راشد منهاس جي يوم شهادت تي قوم کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، اطلاعات وا??ي وزير چيو ته جوان عمري ۾ ئي وطن عزيز تي جان نڇاور ڪري هن پنهنجي رت سان عزم ۽ همت ۽ وفا شعاري جي روشن تاريخ لکي آهي، هن چيو ته هٿياربند فوج ملڪ جي حفاظت جي لا??ِ بي مثال قربانيون پيش ڪيون.