اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪووڊ -19 جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ 61 شين تي ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز جي ڇوٽ ڏيڻ، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قانوني اختيار سونپڻ، ربيع فصل خاص ??ور تي ڪڻڪ جي لاءِ وزيراعظم امدادي پيڪيج ۽ ??يش??ل ميڊيڪل اٿارٽي جي قيام جي منظ??ري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس منعقد ٿيندو، ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي ڪا به کوٽ نه آهي ۽ انهن جي قيمتن ۾ ڪو به اضافو نه ٿيندو، وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي ٻڌايو ته قومي اسيمبلي ميمبرن جي پنهنجي تڪن ۾ مسئلن جي لاءِ هڪ واضح طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، ان ڏس ۾ وقت سر مسئلا حل نه ڪرڻ تي ضلعي انتظاميه ۽ شڪايت بابت لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪابينا رينه سعيد خان جي چيئرپرسن ??ور اسلام آباد وائلڊ لائيف مينيجمينٽ بورد مقرر جي منظ??ري ڏني، ڪابينا ??يش??ل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ جي چيئرپرسن ۽ ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظ??ري ڏني، ڪميشن ۾ صوبن، اسلام آباد، اقليتن ۽ عورتن جي نمائندگي شامل آهي، ڪابينا ملڪ ج?? 19 ضلعن ۾ مقرر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قانوني اختيار سونپڻ جي منظ??ري ڏني، اهي اختيار ڪوو?? 19 (پريويننش آف اسمگلنگ) آرڊيننس 2020ع جي شق نمبر 8 ٽ?? تحت ڏنا ويا آهن، اهم سرڪاري ادارن ۽ ڪمپنين ۾ چيف ايگزيڪيٽو جي مقررين جي طريقيڪار جي اصولي منظ??ري ڏني وئي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته مقررين جو عمل مڪمل ??ور تي شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل هجڻ گهرجي.