اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي ۾ توانائي جي شعبي ۾ مهانگن معاهدن، پهچ ۽ ٽرانسميشن تي ڪم نه ڪرڻ ۽ قابل تجديد توانائي کي متعارف ڪرائڻ ۾ رڪاوٽن جي ڪري م??ڪ جي مجموعي گردشي قرضن ۾ اضافو ٿيو آهي، موجوده حڪومت ڪامياب حڪمت عملي سان بجلي گهرن ۾ استعمال ٿي??دڙ 23 سيڪڙو فرنس آئل 3 سيڪڙو تي کڻي آئي آهي، جمهوري حڪومت هجڻ جي ناطي عوام آڏو جوابده آهيون، گ??ميءَ ۽ سردي جي م??سم ۾ بجلي جي گهرج ۾ تمام وڏو فرق هوندو آهي پر حڪومت کي پيداواري خرچ ادا ڪرڻا پون ٿا. هو پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.