اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب ا??ار??ت جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ موجوده ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن تي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ گهڻ رخي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هنن ڪوويڊ 19 ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي ايشوز تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم عمران خان ۽ شيخ محمد بن زيد النهيان ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضا??ي جي لاءِ ويجهي طور تي ڪم ڪرڻ ۽ گهڻ رخي ادارن ۾ تعاون ??ار?? رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.