اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نظام کي نقصان پهچائڻ جي خواهش رکندڙن کي شڪست ٿي آهي، مونکي خوشي آهي ته مولانا فضل الرحمان سميت اسيمبلين جي لعنت وجهندڙ اڄ انهن ئي اسيمبلين کان ووٽ گُهري ??هيا آهن، نواز شريف جي پاسپورٽ جو مُدو اڱاري ??ي رات 12 وڳي ختم ٿي ويندو، جيڪڏهن هو درخواست ڏيندو ت?? پاڪستان واپسيءَ لاءِ 72 ڪلاڪن ۾ کيس ايمرجنسي ٽريلونگ ڊاڪيومينٽس جاري ڪنداسين. نواز شريف ۽ مريم نواز اي سي ا???? تي آهن، ان لاءِ سندن پاسپورٽ جي تجديد نٿي ڪري ??گهجي. سينيٽ اليڪشن ۾ ڪو سرپرائيز نه ٿيندو، عمران خان سرخرو ٿيندو، سينيٽ جي چونڊن ??ان??وءِ سياسي سڪون ۽ بهتري ٿيندي، اپوزيشن رمضان جو احترام ڪري ۽ لانگ مارچ رمضان ??ان??وءِ ڪري. گهرو وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ت?? ويزا سيڪشن مان 50 آفيسرن کي واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو پنهنجي چارج نه ڇڏيندو ان کي فارغ ڪيو ويندو، 10 سالن جي پاسپورٽ جي فيس 4500 رپيا هوندي، 2 لک ماڻهن کي ا??ي ويزا ڏني ويندي، 4 هفتن ۾ ويزا جاري ڪئي ويندي، ايجنسيز کي 4 هفتن ۾ رپورٽ ڪليئر ڪري ڏيڻي پوندي. هن چيو ت?? نواز شريف جي پاسپورٽ جو وڏو گوڙ آهي، سندس پاسپورٽ جو مُدو اڱاري واري ??ات جو 12 وڳي ختم ٿي ويندو. 20 آگسٽ 2018ع کان نواز شريف ۽ مريم نواز اي سي ا???? تي آهن، نيب جي هدايتن تي سندن نالو اِي سي ا??ل ۾ وڌو ويو آهي، ڪابينه پڻ مريم نواز جو نالو اي سي ا??ل ۾ وِجهڻ جي منظوري ڏني، جنهن شخص جو نالو اي سي ا??ل ۾ هجي ا?? کي پاسپورٽ جاري نٿو ڪري ??گهجي، نواز شريف جيڪڏهن وطن واپس اچڻ چاهي ته 72 ڪلاڪن ۾ کيس سندس درخواست تي پاڪستان اچڻ لاءِ ”اي ٽي ڊي“ جاري ڪري ??گهجي ٿو پر هو پاڪستان اچڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي ۽ سندس اعلان رڳو سياسي آهن، کيس ٻاهر وڃڻ جي جيڪا اجازت ملي هئي تنهن جو هن غلط استعمال ڪيو هاڻي عدالت به کيس وطن واپس اچڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ت?? نواز شريف کي وطن واپس اچڻ کان نه پيو روڪيو وڃي هو واپس اچڻ چاهي ته هاڻي درخواست ڏئي، کيس تفريحي دستاويز جاري ڪري ڇڏينداسين. گهرو وزير چيو ت?? مونکي خوشي آهي ته مولانا فضل الرحمان سميت جيڪي اسيمبلين تي لعنت اُماڻيندا هئا اڄ انهن ئي اسيمبلين کان ووٽ گُهرندا پيا وتن، نظام کي ڊانواڊول ڪرڻ جي خواهش رکندڙن کي شڪست ٿي آهي.