اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته آدمش??ار?? جي بنيادي فريم ورڪ تي 6 کان 8 هفتن ۾ ڪم مڪمل ٿي ويندو ۽ سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ نئين آدمش??ار?? جو عمل شروع ٿي ويندو، نئين آدمش??ار?? جو عمل مارچ 2023ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، آدمش??ار?? اليڪشن جو بنياد بڻجندي آهي ?? 2023ع اليڪشن نئين آدمش??ار?? موجب نه ٿي ته ننڍن صوبن جي نمائندگي گهٽ ٿي ويندي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته آدمش??ار?? جي حوالي سان ڪابينا جي ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي ۽ ان ان حوالي سان پنهنجون سفارشون به جوڙيون. هن چيو ته آدمش??ار?? اليڪشن جو بنياد بڻجندي آهي ?? تازي تڪبندين جي بنياد تي تڪبنديون ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهي جي بنياد تي اليڪشن ڪرايون وڃن ٿيون جڏهن ته 2018ع جي اليڪشن کي خاص آئيني ترميم ذريعي خصوصي ڇوٽ ڏني وئي هئي. هن چيو ته ضمني چونڊون پراڻي تڪبندين ۽ آدمش??ار?? سان ٿي سگهن ٿيون پر مقامي حڪومتن جون چونڊون نئين آدمش??ار?? جي بنياد تي ئي ٿينديون ۽ ان ۾ عدليه جي به تمام گهڻي دلچسپي آهي. وفاقي وزير چيو ته 2023ع اليڪشن کان اڳ آدمش??ار?? تي حتمي فيصلو نه ٿيو ته آئيني ترميم جي ڇوٽ ختم ٿيڻ سبب ايندڙ اليڪشن 1998ع جي ئي آدمش??ار?? جي بنياد تي ٿينديون جنهن جي نتيجي ۾ ٽنهي ننڍن صوبن جي اسيمبلي ۾ نمائندگي گهٽ ٿي ويندي ۽ پنجاب جي نمائندگي وڌي ويندي.