اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻارن ج?? پيدائش ۾ وقفي سان آبادي جي مسئلي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ ٺوس رابطن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، آبادي جي تص??يق ٿيل انگن اکرن سان مستقبل بابت ٺوس منصوبابندي ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي بابت سيمينار کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن وق?? پاڪستان کي ڪورونا وبا جي ٻي لهر درپيش آهي، اسان کي ان وبا ??ان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز تي ڀرپور طريقي سان عملدرآمد ڪرڻ گهرجي، مون به ماس?? پاتو آهي ۽ عوام کي به عوامي جاين تي ماس?? پائڻ گهرجي، بار بار هٿ ڌوئڻ گهرجن ۽ سماجي فاصلي جو خيال رکڻ گهرجي.