اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان افغانس??ان جي واپار ۽ صنعت واري وزير ناصر احمد غورياني ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻطرفي واپار جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪس??ان افغانس??ان سان پنهنجي پراڻي ڀائراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، موجوده پارليامينٽ افغانس??ان سان ٻطرفي تعاون ۽ واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آه??، سي پيڪ م??صوبو خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آه?? ۽ افغانس??ان ان منصوبي جي ڪري خطي جي ٻين ملڪن سان واپار جو گيٽ وي ثابت ٿيندو.