اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ??اڪستان ۾ افغانستان جي سفير ن??يب الله علي خيل ملاقات ڪئي ڪنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، واپار جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. اسپيڪر ان ??وقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي عوام اخوت، ثقافت ۽ تاريخ جي لازوال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ افغان حڪومت ۽ عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، مستحڪم ۽ مضبوط افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي، اسد قيصر چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت افغانستان سان ??سيع النبياد واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. پاڪستان جي خواهش آهي ته سي پيڪ منصوبي مان افغانستان فائدو ??اص?? ڪري، سي پيڪ منصوبو خطي ۾ معاشي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ گيم چينجر منصوبو ثابت ٿيندو. جاگرافيائي اعتبار سان افغانستان وچ ايشيا جي لاءِ گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪ افعان ??اپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ قومي اسيمبلي پاڪ – افغان ??رينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي جوڙيل سفارشن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، افغان شاگردن ۽ مريضن جي لاءِ ويزه پاليسي ۾ نرمي سان افغان عوام پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولتن مان ??ائدو ??اص?? ڪري سگهندي، افغان ??اپارين لاءِ ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ سان ??نهي ملڪن ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو.