اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته پنهنجي طاقتور طبقي کي قانون جي تابع ۽ احساس، پناهگاهن ۽ صحت ڪارڊ جهڙن منصوبن جي ذريعي اڄ پاڪستان ٻيهر منزل حاصل ڪرڻ ج?? سفر تي هلي نڪتو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??را??ظم چيو ته 15 سئو سال اڳ اسان جي نبي پاڪ ﷺ مديني جي پهرين فلاحي رياست جو بنياد وڌو جنهن جي عمارت قانون جي بالادستي، اهليت جي قدر ۽ ر??م ۽ برداشت تي هموار ڪئي وئي ۽ جنهن ۾ علم حاصل ڪرڻ کي مقدس فرض قرار ڏنو ويو ان طرح ٻن ئي ڏهاڪن ۾ مسلمان ايندڙ ڪيترن ئي صدين لاءِ عظيم ترين تهذيب رکندڙ بڻجي ويا. وز??را??ظم چيو ته جڏهن مسلمان ان رهنما اصولن تان دستبردار ٿي ??يا ته انهن جي تهذيب ڪمزور ٿي ??کري وئي.