اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حلي?? عادل شيخ تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حلي?? عادل شيخ تي حملو بزدلاڻو فعل آهي، سنڌ حڪومت جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪرڻ تي کيس انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو پيو وڃي، حلي?? عادل شيخ سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندو رهندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اڳ ۾ ان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو، هاڻي ان تي حملا ڪيا پيا وڃن جيڪو هڪ بزدلاڻو فعل آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته جمهوريت ۽ اظه??ر راءِ جي آزادي جو راڳ آلاپيندڙ سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي آواز کي خاموش ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پوري سنڌ حڪومت ۽ حڪومتي مشينري پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حلي?? عادل شيخ کي نقصا?? پهچائڻ چاهي ٿي. اهڙي قسم جون سموريون بزدلاڻيون ڪارروايون صوبائي حڪومت جي چوڻ تي ڪيون پيون وڃن جن جو مقصد پيپلزپارٽي جي ڪرپشن تي پڙدو وجهڻ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ سنڌ جو انفراسٽرڪچر تباهه حال آهي جڏهن ته تعليمي ادارا چوپائي مال جا واڙا بڻجي چڪا آهن. حلي?? عادل شيخ سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندو رهندو.