اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي ??ي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ايران جي صد?? جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ اربع ڏينهن ايران روانو ٿيندو. سينيٽ ??يڪ??يٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين خصوصي جهاز مشهد پهچندو. محمد صادق سنجراڻي روزه حضرت امام رضا جي مزار تي حاضري به ڏيندو. سينيٽ چيئرمين ايران جي صد?? جي حلف برداري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. وزيراعظم پاڪستا?? عمران خان پاڪستان جي نمائندگي لاءِ سينيٽ چيئرمين کي نامزد ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين جُون ايران جي صدر سميت ٻين اعليٰ سياسي اڳواڻن سان اعليٰ سطحي ملاقاتون متوقع آهن، 5 آگسٽ تي سينيٽ چيئرمين ايران کان واپس وطن ايندو.