اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو ??هي ته نوجوان نسل کي اسلامي تاريخ جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ جديد ميڊيا جي ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو ۽ روايتي موضوعن کان هٽي ڪري تاريخي ڪهاڻين تي ٻڌل ڊراما ۽ فلمون ٺاهڻيون پونديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلمسار شهزاد نواز، ترڪ پروڊيوسر ايمري ڪونڪ، سيد جنيد علي شاهه ۽ ڊاڪٽر ڪاشف سان ??الهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به موجود هو. وزيراعظم چيو ته صلاح الدين ايوبي تاريخ جو اهڙو ڪردار ??هي جنهن جي او??هه ۾ به مثال ڏيندا آهن، هن بيت المقدس جي تاريخي فتح کانپوءِ عام معافي جو اعلان ??يو. وزيراعظم چيو ته صلاح الدين ايوبي جي زندگي تي سيريز نوجوانن کي ان تاريخي ڪردار بابت آگاهي ڏيندي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گڏيل منصوبي صلاح الدين سيريز تي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. سيريز تي منصوبابندي مڪمل ??هي جڏهن ته ان جي شوٽنگ جو آغاز ايندڙ سال اپريل ۾ ڪيو ويندو.