اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته استعيفائن جو خواب چڪنا چو?? ٿي ويو، فضل الرحمان جي چهري تي اڄ مايوسي جا ڪڪر ڇانيل هئا، 23 مارچ جو ڏينهن تاريخي اهميت رکندڙ ڏينهن آهي، ان ڏينهن کي پوري قوم يوم پاڪستان جي طور تي م??هائي ٿي ان ڏينهن تي احتجاجي مارچ جو اعلان ڪندڙ قومي يڪجهتي خراب ڪرڻ چاهين ٿا. پي ڊي ايم جي لانگ مارچ جي اعلان تي ردعمل ۾ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو ته پوري پي ڊي ايم وڻ وڻ جي ڪاٺي بڻيل آهي جن وٽ پنهنجي چو??ي بچائڻ کانسواءِ ڪا عوامي ايجنڊا نه آهي. سياسي بيروزگارن جو ٽولو ڦرلٽ بند ٿيڻ سان بيچيني و شڪار آهي، آر يار پار وارا ب??ي طرح خوار ٿي رهيا آهن.