اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي واضح پيغام ڏنو آهي ته جنهن جنهن به ملڪ کي ڦريو آهي ان جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، 1985ع کانپوءِ ۽ آصف زرداري جو اقتدار ڏسي وٺو ۽ عمران خان جي خيبرپختونخواهه ۽ هاڻي وفاقي حڪومت کانپوءِ جا وسيلا ڏسي وٺو، شريفن وٽ ٻاهر ملڪيتن جي لاءِ پئسا اچي وڃن ٿا، کير، مرغين، کنڊ جو ڪاروبار شروع ٿئي ٿو، انهن سمورن چو??ن جي آخري آرامگاهه ايوان اقتدار نه پر جيل آ??ي، عدم اعتماد اسان جي لاءِ ڪو چئلينج نه آ??ي، مونس الاهي جي بيان کانپوءِ اڃا وڌيڪ گهٻراهٽ ڇانئجي وئي آ??ي، اسان جي ميمب??ن جي فڪر نه ڪريو، پنهنجي 25، 30 ميمب??ن جي فڪر ڪريو جيڪي هر اهم موقعي تي غائب ٿي وڃن ٿا. سي اي سي اجلاس کانپوءِ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد ۽ پارلياماني سيڪريٽري ڪنول شوزب سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو ته ڊي آءِ خان ۾ جي يو آءِ کي ع??ي امين گنڊاپور شڪست ڏني آ??ي، اتان جي عوام هڪ ڀيرو ٻيهر فضل الرحمان تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. بل??يا??ي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کنيا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ پهريون ڀيرو بااختيار بل??يا??ي نظام ڏنو ويو آ??ي، ماضي ۾ ناظمن جي لاءِ ٻوليون لڳنديون هيون. (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي خيبرپختونخواهه مان ختم ٿي وئي آهي. پي ٽي آءِ کي ڪرڪ مان ٽي ۽ بنون مان هڪ سيٽ ملي آهي. هن چيو ته هڪ طبقو بار بار هٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙي رهيو آ??ي، شهباز شريف جي چهري تي مايوسي سڀني ڏٺي آ??ي، 18 فيبروري تي شهباز شريف تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ وڃي رهيو آ??ي، سليمان شريف کي ڪهڙي بيماري آهي اهو ڇو نه اچي رهيو آ??ي، مقصود چپڙاسي جهڙن ملازمن جي اڪائونٽس ۾ 4 ارب رپيا آيا آهن. هن چيو ته مخالف ڌر ته مخالف ڌر کي ڪيرائڻ ۾ لڳل آ??ي، انهن جي ويڙهه ٻي ۽ ٽئين اپوزيشن جي آ??ي، هڪ طرف زرداري جا پير پڪڙيل آهن، ٻئي طرف 22 سالن کانپوءِ چوڌري ڀائ??ن جي عيادت جي ياد اچي وئي آهي. هن چيو ته عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جنهن صوابديدي فنڊز ختم ڪيا، ٻاهرئين سفر تي ڪفايت شعاري ڪئي آ??ي، عمران خان ٻاهرئين ملڪن ۾ ملڪيتون نه ٺاهيون ۽ نه ئي ڪي فيڪٽريون هنيون آهن.