اسلام آباد – 14 فيبروري (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي سلامتي ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف صدر کي سيڪيورٽي فورسز ج?? پيشيواراڻي تيارين ۽ دهشتگرد عنصرن ج?? خلاف قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته هٿياربند فوج ملڪ مان عسڪريت پسندن ۽ شرپسندن ج?? خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي صدر سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪ??و ج?? بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ عسڪريت پسندن ج?? خلاف تازين ڪاررواين ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. هن چيو ته قوم کي پنهنجي هٿياربند فوج جي قربانين تي فخر آهي جن سدائين هر قسم جي مشڪلاتن ج?? خلاف قومي سرحدن ج?? دفاع ڪيو.