راولپنڊي – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن و??ري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته 9 مارچ تي ڀارت جي علائقي سرسا جي ويجهوکان ??ڪ تيز رفتار شيءَ (پروجيڪٽائل) فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ ميان چنو جي ويجهو ڪري پئي، ان ??اقعي سان ڀارت ۽ پاڪستان جي فضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباهي ٿي سگهي پي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هڪ ذميدار قوم جي طور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي جواب جو انتظار ڪنداسين. پريس بريفنگ ۾ ميجر جنرل بابر افتخار ٻڌايو ته 9 مارچ جي شام 6 لڳ?? 43 منٽن تي ڀارت جي علائقي سرسا جي ويجهو هڪ تيز رفتار واري شيءَ (پروجيڪٽائل) فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ 3 منٽن ۾ ميان چنو جي ويجهو ڪري پئي. هن چيو ته پاڪستاني ايئر ڊفينس ۽ پاڪستان ايئر فورس ان جي مسلسل نگراني ڪئي، ان جي ڪرڻ سان سويلين پراپرٽي کي نقصان ??يو تنهن هوندي به خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان ??ه ٿيو. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته جهڙي طرح اهو واقعو ٿيو آهي ان تي ڀارت کي وضاحت ڏيڻ گهرجي، ان ??ان ثابت ٿيو ته ڀارت هوابازي جي تحفظ جي قاعدن ۽ ضابطن جي پاسداري نه ڪري رهيو آهي، ان ??اقعي سان ڀارت ۽ پاڪستان جي فضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباهي ٿي سگهي پي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هن چيو ته پاڪستان ان ??اقعي جي پرزور مذمت ڪري ٿو، ڀارت کي ان جي وضاحت ڪرڻ گهرجي، هڪ ذميدار قوم جي طور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي جواب جو انتظار ڪنداسين پر اسان ??اضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان ??نهنجي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ ان طرح جي ڪنهن به شيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ان ??اقعي ۾ به پاڪستان جو ايڪشن ۽ ريسپانس مڪمل هو. هن چيو ته في الوقت ڊي جي ايم اوز جي سطح تي ڪو رابطو ناهي ٿيو، پرڏيهي آفيس لاڳاپيل طريقيڪار ۽ قاعدن ۽ ضابطن موجب ڀارت کان ??ضاحت طلب ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فوج جو سياست سان ڪو به واسطو نه آهي، بهتر اهو ٿيندو ??ه ان باري ۾ ڪا قياس آرائي نه ڪئي وڃي.