اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته 7 مارچ تي ڌمڪي آميز خط ملي ٿو، اڳئين ڏينهن ٻاهرئين طاقتن جون ڪٺ پتليون وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏين ٿيون. فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته جن جي ڦريل دولت ٻاهر پيل آهي اهي ذاتي ??فاد جي تحفظ جي لاءِ قومي مفاد کي داءُ ت?? لڳائي ڇڏين ٿا، ڊرون حملن جي اجازت ان جو مثال هو. آصف علي زرداري ٻڌائي ميمو گيٽ ۽ نواز شريف ڊان ليڪس ۾ ڇا ڪرايو هو اهي کليل حقيقتون آهن. پاڪستان جي آزاد پرڏيهي پاليسي، قومي سلامتي ۽ قومي غيرت جي لاءِ ڪپتان ڄمي بيٺل ??هي.