اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان قطر جي سف??ر شيخ سعود عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قطر جي سف??ر وزيراعظم شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي قطري قيادت پاران مبارڪباد جو پيغام پهچايو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي و??يڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي قطر جي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم شهباز شريف قطري قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام تي قطري سف??ر جا ٿورا مڃيا. هن قطر پاڪستان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي و??يڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو، خاص طور تي وزيراعظم ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي قوت جي شعبن جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم اف??ان امن ۾ سهولتڪار طور قطر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ قطر افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ۽ اف??ان عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. قطر نا?? ملڪن ۾ پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي جو گهر آهي. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ عقيدي ?? قدرن جي مضبوط بنيادن تي ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن يت ويجهو تعاون ڪن ٿا.