اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خا?? دراني اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي 3 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 6 ماڻهن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هتي جاري پڌرائي موجب اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر متاثر خا??دانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته معصوم ٻارن جا قاتل اسلام ۽ ا??سانيت ٻنهي جا دشمن آهن، انسانيت جي د??من?? کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪ فوج جون عظيم قربانيون اسان جي تاريخ جو سنهري باب آهي، پنهنجي شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين کي ان ناقاب?? تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائي.