اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ج??هو??يت جي استحڪام ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاء?? سمورين اتحادي پارٽين جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، حڪومتي سطح تي سمورا فيصلا ڪند?? قومي مفاد هر حال ۾ مٿانهون رکيو ويندو. اهرن خيالن جو اظهار هن جمعيت علماءِ اسلام (ف) ??ي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ ۽ ملڪ ۾ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ضروري قدم بحث هيٺ آيا. وزيراعظم عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ ضرورت جي شين جي گهٽ اگهن تي دستيابي جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ دستياب وسيلن کي بهتر طريقي سان استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ج??هو??يت جي استحڪام ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاء?? سمورين اتحادي پارٽين جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ حڪومتي سطح تي سمورا فيصلا ڪند?? قومي مفاد هر حال ۾ مٿانهون رکيو ويندو. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ج??هو??يت ۽ آئين جي پاسداري ئي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي ضامن آهي.