اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زر??ار?? چيو آهي ته پاڪستان جي نئين حڪومت جي فوري ترجيح ملڪ کي درپيش سنگين اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا جي دوري جي موقعي تي نيويارڪ ۾ دوست ملڪن جي سفيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. گڏيل قوم?? ۾ ??اڪستان جي سفير منير اڪرم پاران ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان سمورن ترقياتي حصي??ار?? ۽ ڀائر اسلامي ملڪن سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ذريعي انهن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي اميد رکي ٿو، مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سعودي عرب، مراڪش، آذربائيجان، ايران، عمان، اٽلي، مالٽا، ايڪواڊور، مصر، انڊونيشيا، متحده عرب امارات ۽ ڪويت جا سفير به شامل هئا. پرڏيه?? وزير پنهنجي ريمارڪس ۾ عالمي ۽ علائقائي مسئلن جي حوالي سان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن جو به خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ افغانستان، ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال، سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن کانسواءِ مهانگائي ۽ خوراڪ جي حفاظت، ڪووڊ – 19 جي وبا، معاشي صورتحال ۽ ??وس??ياتي تبديلي شامل آهن.