اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن تي زور ڏنو آه?? ته اهي علم جي قيمتي آ?? لائين ذخيري کي استعمال ڪندي پنهنجي صلاحيتن ۾ اضافو ڪن، اعليٰ تعليمي ادارن کي فنون لطيفه ۽ ادب جي شعبي ۾ تعليم جي ذريعي امن، ڀلائي ۽ جامعيت جي قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ وفاقي ا??دو يونيورسٽي آ?? آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي دوري ۽ فيڪلٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اطهر عطا ۽ فيڪلٽي سربراهن شرڪت ڪئي. يونيورسٽي جي فيڪلٽي کي خطاب ڪندي صدر چيو ته فنون لطيفه ۽ ادبيات جي گريجويٽس جي مارڪيٽ ۾ قدر ۽ طلب جو اندازو لڳائڻ جي ل??ءِ مارڪيٽ سروي جي ضرورت آه??، فنون لطيفه ۽ فلسفي جو مطالعو هڪ ٺوس ۽ متوازن انساني شخصيت جي جوڙجڪ ۾ مدد ڏي ٿو. صدر چيو ته فنون لطيفه، ادبيات ۽ فلسفي جي شعبن ۾ پڻ تعليم کي هڪ جهڙي اهميت ڏيڻ گهرجي، استاد فارغ التحصيل شاگردن کي پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي باعزت روزي ڪمائڻ جي قابل بڻائين. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وفاقي ا??دو يونيورستي کي ملڪ ۾ فنون لطيفه ۽ ادب جي فروغ جي ل??ءِ هڪ مثالي ادارو بڻائين، بصارت ۽ جسماني طور تي معذور شاگردن کي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ٻين شاگردن سان گڏ داخلا ڏيڻ گهرجي، خصوصي شاگردن جي ل??ءِ استادن کي تربيت پڻ فراهم ڪئي وڃي ته جيئن اهي انهن جي تعليمي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن. صدر چيو ته خصوصي تعليم جو مقصد رڳو شاگردن کي هنر ۽ تعليم ڏيڻ نه آه?? پر ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ آه??. صدر اجلاس ۾ تعليمي ادارن ۽ نجي شعبي ۾ تعاون ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته شاگردن کي عملي تجربو ڏيڻ سان انهن کي ل??ڳاپيل شعبن ۾ مارڪيٽ ضرورتون سمجهڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اعليٰ تعليمي ڪميشن (ايڇ اي سي) ڪورسيرا جي مدد سان شاگردن ۽ استادن کي مختلف شعبن ۾ 4 هزار مفت ڪورسز تائين پهچ فراهم ڪئي آه??. ان کان اڳ ا??دو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر صدر کي يونيورسٽي جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني ۽ ان جي مسلسل رهنمائي ۽ تعاون تي صدر جا ٿورا مڃيا. صدر وائيس چانسلر کي هدايت ڪئي ته هو فيڪلٽي کي ريگيولر ڪرڻ جي ل??ءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري. بعد ۾ صدر يونيورسٽي جي مختلف تعليمي بلاڪس جو دورو ڪيو ۽ چوماسي جي وڻڪاري جي حوالي سان ٻوٽو پڻ لڳايو.