اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مملڪتي وزير ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وسيع تر لاڳاپن جي اهميت تي ??ور ڏنو جنهن جو تصور اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان ۾ ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان سمورن شعبن خاص ??ور تي واپار، جي ??يس پي پلس، موسمياتي ??بديلي سميت ٻين معاملن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي.