اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم ۽ ان کانپوءِ جي قدمن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي تمڃيل تڪراري حيثيت کي نقصان پهچائڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيل جيڪي عالمي قانون ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائو??سل جي لاڳاپيل قراردادن جي خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت نه رڳو پنهنجون ذميواريون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائو??سل جي قراردادن جي پاسداري ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جي حق کي استعمال ڪرڻ جي پنهنجي قيادت جي پڪي واعدن کان انڪار ڪيو آهي پر هن والاريل ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني ۽ زبردستي قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ دهشتگردي ۽ وسيع ??ئم??ني تي انساني حقن جي خلاف ورزين جو سلسلو جا??ي رکيو آهي. ترجمان چيو ته ڀارتي قابض فوج جي هٿان آگسٽ 2019ع کان هيستائين والاريل ڪشمير ۾ 660 ڪشميرين کي شهيد ڪيو آهي. والاريل علائقي ۾ جعلي مقابلن ۾ معصوم ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون قتل ۽ نام نهاد فوجي آپريشنز?? حراستي فوتگين، پيلٽ گنز جو استعمال، جبري گمشدگين، گڏيل سزائن ۽ پوري ڪشميري قيادت کي قيد جون صعوبتون ڏنيون پيون وڃن ته جيئن انهن کي خودمختياري جي حق لاءِ پرامن ۽ جا??ز جدوجهد جي لاءِ آواز اٿارڻ کان روڪي سگهجي. ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 9 لک ڀارتي فوجي مقرر آهن جتي غيرقانوني انتظامي قدمن جو سلسلو جا??ي آهي جنهن ۾ زمينن جي ضبطگي، غيرڪشميرين کي رهائڻ ۽ لکين غيرقانوني ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جا??ي ڪرڻ شامل آهي. ترجمان چيو ته انهن قدمن جو مقصد ڪشميري مسلم اڪثريت کي اقليت ?? تبديل ڪرڻ آهي، ڀارت انهن ڪاررواين جي باوجود ڪشميري عوام جي حريت جي جذبي کي دٻائڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيو آهي.