اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت معيشت کي ڏاولپڻي کان بچائي ورتو آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپاري ??عاهدو مستقبل جي واپاري ??اڳاپن جو رخ متعين ڪندو، ٽن سالن ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين کڻي وينداسين، درآمدي ٻارڻ تي خرچ ٿيڻ قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ جي لاءِ پن بجلي، شمسي توانائي ۽ ??وا سان بجلي پيدا ڪرڻ جهڙن متبادل ذريعن تي دارومدار ڪنداسين، ترڪ ڪمپنيون پاڪستان ۾ پن بجلي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪن، سيڙپڪاري جي راهه ۾ هر قسم جي رڪاوٽن جو خاتمو ڪيو ويندو، منافعي جي منتقلي ۾ دير نه لڳندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي واپار واري ??زير مهمت موش جي مان ۾ مانجهاندي کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. و??ير??عظم چيو ته ترڪيه سان اسان مصنوعات جي واپار جي تاريخي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي رهنمائي ۽ پاڪستان حڪومت جي تعاون سان واپار واري ??فاقي وزير سيد نويد قمر ۽ ترڪيه جي واپار واري ??زير مهمت موش ۽ سندس ٽيم وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، هي معاهدو اسان جي ڀائيچاري ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو مضبوط عڪاس آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل اعتماد، گڏيل احترام ۽ صدين تي ٻڌل آهن پر اسان جو ٻطرفو واپاري ڪاٿو انهن مثالي لاڳاپن سان هڪ جهڙائي نه ٿو رکي، ان معاهدي سان اسان جي مستقبل جي واپاري ??اڳاپن جو رخ متعين ٿيندو ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري طبقن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو ايندڙ ٽن سالن ۾ 5 ارب ڊالر تائين وڌائينداسين. و??ير??عظم چيو ته مئي ۾ ترڪيه جي دوري جي دوران سندس شاندار آجيان ڪئي وئي هئي، اتي ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ٿيون، ڪاروباري طبقي جي لاءِ هي معاهدو هڪ وڏو موقعو آهي، ان مان انهن کي فائدو کڻڻ گهرجي، ترڪيه جو پن بجلي جو منصوبو لڳائڻ ۾ وڏو تجربو آهي ۽ ملڪ ۽ ٻاهرئين ترڪيه جي ڪمپنين اهي منصوبا لڳايا آهن، اسان پاڪستان ۾ ترڪ ڪمپنين کي پن بجلي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا، انهن جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي ويندي، پاڪستان ۾ پن بجلي جي پيداوار جا وسيع موقعا آهن پر انهن مان اڃا تائين پوري طرح فائدو ناهي کنيو ويو. هن چيو ته اسان جو ٻارڻ جو درآمدي بل 20 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي جنهن کي پاڪستان برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ان لاءِ متبادل توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي وسيلن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ پن بجلي، شمسي توانائي ۽ ونڊ پاور جي پيداوار وڌائڻ جا پاڪستان ۾ وسيع موقعا موجود آهن، هاڻي اسان 500 ۽ 600 ميگاواٽ سولر منصوبن ۽ ڪجهه سئو ميگاواٽ ونڊ پاور منصوبن مان حاصل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته معيشت کي بهتر بڻائڻ حڪومت جي لاءِ هڪ چئلينج آهي، حڪومت جي موثر قدمن جي نتيجي ۾ اسان معيشت کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي پر اڃا تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ باقي آهي، مشڪلاتون ضرور آهن پر اهو ڪم ناممڪن نه آهي. و??ير??عظم چيو ته شمسي توانائي وقت جي ضرورت آهي، ٽيوب ويل ۽ اهم سرڪاري عمارتُون شمسي توانائي تي منتقل ڪري سگهون ٿا، سولر توانائي کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي شروعات ڪئي پئي وڃي، شمسي توانائي ذريعي ٻارڻ تي خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهجي ٿو، سرڪاري ۽ نجي حصيداري سان 5 هزار کان 6 هزار ميگاواٽ جا سولر پارڪس لڳائي سگهجن ٿا، ان کانسواءِ غريب خاندانن جي لاءِ سولر پينلز جي فراهمي جهڊا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. و??ير??عظم ترڪيه جي واپار واري ??زير کي چيو ته هو پنهنجي ملڪ جي مينوفيڪچررز ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان موڪلين، اسان لاڳاپيل وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن سان ملاقاتن جو انتظام ڪري ??ڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ انهن منصوبن تي ڪم جي شروعات ڪرڻ چاهيون ٿا. و??ير??عظم چيو ته ان مقصد جي لاءِ ترڪيه، اسلامي ملڪن، اتر آمريڪا، ڏکڻ ايشيا ۽ اوڀر بعيد ۾ هر جڳهه پنهنجي دوستن ۽ حصيدارين سان ڳالهائينداسين، آئون ضمانت ڏيان ٿو ته سيڙپڪارن کي انهن جو منافعو ۽ ٻيون ادائيگيون اسٽيٽ بئنڪ ۽ لاڳاپيل بئنڪن ذريعي فوري ??ينديون ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا رڪاوٽ نه ايندي، ڳاڙهو ڦيٿو رڪاوٽ نه ٿيندو ۽ انهن منصوبن جي لاءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي پاڻ نگراني ڪندس. و??ير??عظم چيو ته اسان کي گڏجي پنهنجون توانايون ۽ وسيلا وڌندڙ درآمدي بل تي خرچ ڪرڻ بدران سستي توانائي جي ذريعن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جنهن سان اسان جي زرعي، صنعتي ۽ ٻين شعبن کي به فائدو ٿيندو ۽ سستي توانائي ملندي.