نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ان جمهوريه آسٽريا جي فيڊرل چانسلر ڪارل نيهمر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاقات هتي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي ??ي ٿي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر ۽ ٻيا ميمبر پڻ موجود هئا.