اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي ??ي ??ي) وزيراعظم مح??د شهباز شر??ف سان پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي به موجود هو. ملاقات ۾ وزيراعظم جي چين جي دوري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته وزيراعظم جو چين جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قائم واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مستح??م ڪندو.