اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مدد تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جا ٿورا مڃيندي موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثر?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (حڪومتي سربراهن) جي 21 هين اجلاس کي خطاب ڪيو. ورچوئل فارميٽ ۾ اجلاس جي ميزباني چين ڪئي جيڪو ايس سي او جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جو موجوده سربراهه آهي. چين، قازقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي حڪومتي سربراهن سان گڏوگڏ ايس سي او جي مبصر ملڪن جي نمائندن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته تنظيم جي خطي ۾ وڌ کان وڌ رابطا قائم ڪرڻ سان ايس سي او جي وچ ۾ تعاون جي سياسي ۽ اقتصادي صلاحيت کي کولڻ ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو اهم م??صو??و آهي جيڪو علائقائي رابطن ۽ انضمام جي ذريعي گڏيل خوشحالي جي شنگهائي تعاون تنظيم جي ويز?? کي مڪمل ڪري ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايس سي او کي انتهائي اهميت ڏيان ٿو ۽ پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي ا??ولن جي بنياد تي علائقائي تعاو?? کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مختلف معاهدن ۽ م??صو??ن تحت قدم کنيا آهن. هن غربت جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪيترن ئي ڪامياب قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته غربت جي خاتمي جي لاءِ ايس سي او جي خصوصي ورڪنگ گروپ جو پهريون اجلاس ڊسمبر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مدد تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جا ٿورا مڃيندي موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثر?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت کي ا??اگر ڪيو. هن ترقي يافته ملڪن تي پڻ زور ڏنو ته اهي ”ڪلائميٽ فنانس“ بابت پنهنجي واعد?? کي پورو ڪن ته جيئن اسرندڙ ملڪ?? کي پائيدار ترقي جي هدف?? کي پورو ڪرڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي ترقي جي لاءِ خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ جي اهميت جو ذڪر ڪندي رياستي دهشتگردي سميت دهشتگردي جي لعنت کي ان جي سمورن مظاهر ۾ حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن افغانستان سان پائيدار ۽ عملي رابطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن افغان عوام کي پنهنجي ملڪ کي درپيش انساني ۽ معاشي بحرانن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي. ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو ٻيو اعليٰ ترين فورم آهي، جتي ميمبر ملڪن جا حڪومتي سربراهه پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪن ٿا.