اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخ، گڏيل ميراث ۽ عوام سان ??وام جي مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن، برطانيا پاڪستان ??و سڀ کان وڏو يورپي واپاري، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي حصيدار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي رفتا سان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ ترقي جا تمام گهڻا امڪان ??هن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم سان ??رطانيا جي پاڪستان ۾ هاءِ ڪمشن?? ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر وزيراعظم هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن جي فروغ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ ڊاڪٽر ٽرنر جي خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين سان ??يندڙ ٻوڏ جي متاثرين جي امداد ۽ بحال?? جي لاءِ برطانيا جي تعاون ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جي فعال ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي 17 سالن کانپوءِ پاڪستان ??ي دور?? جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي هاءِ ڪمشنر جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ برٽش ايئر ويز جي ڪمرشل فلائيٽ آپريشن جي بحالي ۾ ان ??ي نمايان ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم هاءِ ڪمشنر جي لاءِ مستقبل ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.