اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان بيجنگ ۾ ??ين جي پرڏيهي وزير ??ن گينگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ ??ين ڀائر ملڪ، قابل اعتماد دوست ۽ امن ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار حصيدار آهن. پرڏيهي سيڪريٽري سان ڳالهائيندي ??ن گينگ ??ين پاڪستان اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي لاءِ ??ين جي پڪي عزم کي ورجايو ۽ پاڪستان کي هر قسم ج?? تعاون جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. ??ين جي پرڏيهي وزير ??ن گينگ ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد خان اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي حالتن ۾ ??ين پاڪستان اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي اهميت کي ورجايو ۽ گڏيل لاڳاپن ۾ مستحڪم رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن نومبر 2022ع ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيجنگ جي دوري دوران طئي ٿيندڙ اتفاق راءِ کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن پاڪ ??ين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ)، واپار ۽ سيڙپڪاري?? مالي تعاون، سماجي تعاون، اقتصادي ترقي، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام ج?? وچ ۾ لاڳاپن سميت متنوع ڊومينز کي وڌيڪ اڳتي وڌائي سگهجي.