اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) اف??ان??تان ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن عبيد نظاماڻي ڪابل ۾ واپس پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو عمل افغان عبوري حڪومت سان ويجهي مشاورت کانپوءِ ممڪن ٿيو آهي. ترجمان چيو ته 15 اپريل تي وقتي افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻول??ه ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اف??ان??تان ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز ۽ اهلڪارن جي حفاظت جي حوالي سان افغان عبوري حڪومت جي ضرورت ۽ ذميوارين جو ورجاء?? ڪيو. هن چيو ته عبيد نظاماڻي ۽ ان جي ٽيم کي اس??ن جون نيڪ خواهشون ۽ تعاون حاصل آهي.