اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ صاف ۽ ما??ول دوست ٽرانسپورٽ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته روايتي ٻارڻ تي پاڪستان جو دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر ۽ ما??ول دوست ٽرانسپورٽ ٽيڪ??ال??جي کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي مقامي اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل ٺاهيندڙ ڪمپني جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته گرين ٽرانسپورٽ آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ پاڪستان کي صاف بڻائڻ ۾ مدد ڏيندي، گرين ٽرانسپورٽ سان ڪاربن جو اخراج، ما??ولياتي آلودگي ۽ ٻارڻ جو درآمدي بل گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ نئين ٽيڪ??ال??جيز ضروري آهن، ڪاروباري برادري صنعتي اپ گريڊيشن ۽ جدت تي ڌيان ڏي، جديد ٽرانسپورٽ ٽيڪ??ال??جيز پاڪستان ۾ نئين صنعتن کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي آهي. صدر چيو ته جديد ٽرانسپورٽ سان نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.