اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت مواصلات ڊويزن جي 3 جاري ۽ 3 نئين ??نصوبن لاءِ مجموعي طور تي 360.390 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ڪالهه جمعي ڏينهن پي ايس ڊي پي جي جاري دستاويزن موجب مواصلات ڊويزن جي 3 جاري منصوبن جي لاءِ 184.290 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جن ?? ڪنسٽرڪشن ٽ??ڪن??لا??ي ٽريننگ انسٽيٽيوٽ (سي ٽي ٽي آئي) اسلام آباد ۾ 200 شاگردن جي لاءِ هاسٽل جي تعمير، رحيم يار خان انٽرچينج ايم – 5 تي ا??س ايس ٽي آفيس ۽ ٻين سهولتن جي تعمير، شير شاهه انٽرچينج ايم – 5 سيڪٽر 1 تي سهولتن جي تعمير جا منصوبا شامل آهن. 3 نئين ??نصوبن جي لاءِ 178.100 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جن ?? شيخوپوره انٽرچينج جي تعمير جي لاءِ 106 ڪينال 15 مرلا زمين جي خريداري جي لاءِ ٽانڪ پوسٽ ماسٽر جي رهائشگاهه ۽ جي پي او جي تعمير ۽ اي – 35 مانسهره جي لاءِ ا??س ايس پي آفيس جي تعمير جا منصوبا شامل ڪيا ويا آهن.