اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعب?? جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت قومي صحت، سروسز، ريگيوليشن ۽ ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي 9 نئين ۽ 31 جاري منصوبن جي لاءِ 13 ارب 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعب?? جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب نئين منصوبن جي لاءِ 2 ارب 59 ڪروڙ 66 لک رپين کان وڌ??ڪ جا فنڊز رکيا ويا آهن. ان ۾ اسلام آباد ۾ بوڪرا واري جڳهه تي طبي مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا، ليبارٽر?? جي قيام جي لاءِ 30 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وفاقي گادي واري شهر ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج کي يقيني بڻائڻ جي نيشنل هيلٿ سپورٽ منصوب?? جي لاءِ 25 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. گمبٽ سنڌ ۾ بائيوليجڪل اينڊ ڪي??سر ريسرچ ۽ ٽريٽمينٽ جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا، هيپاٽائيش س?? جي خاتم?? جي وزيراعظم قومي پروگرام جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا ۽ اسلام آباد ۾ ڪي??سر اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ اوزارن جي خريدار?? جي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم جي زيابيطس کي روڪڻ جي قومي پروگرام جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وزارت جي 31 جاري منصوبن جي لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ 33 لک رپين کان وڌ??ڪ جي رقم رکي وئي آهي. اسلام آباد ۾ ڪي??سر اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب رپيا، ڳوٺاڻن علائقن ۾ صحت جي سهولت جي استحڪام ۽ اپ گريڊيشن جي لاءِ 35 ڪروڙ 69 لک، پمز ۾ نيورو سرجر?? جي شعب?? جي اپ گريڊيشن جي لاءِ 30 ڪروڙ رپيا، هيلٿ سروسز اڪيڊم?? جي بهتري لاءِ 14 ڪروڙ 58 لک رپيا رکيا ويا آهن. پمز ۾ 200 بسترن تي ٻڌل حادثن واري شعبي ۽ ايمرجنسي مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ رپيا، جي – اليون ٿري ۾ جناح اسپتال اسلام آباد قائم ڪرڻ جي لاءِ 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا جڏهن ته اسلام آباد جي قومي هيلٿ انشورنس پروگرام جي ٻئي مرحلي ۾ صحت سهولت پروگرام جي لاءِ 2 ارب 29 ڪروڙ رپين کان وڌ??ڪ جي رقم رکي وئي آهي.